انوپ ڳڙهه 2

انوپ ڳڙهه 2 (Anup Garth II ):هي ٻيو دڙو آهي جيڪو ڳوٺ انوپ ڳڙهه (هريانه) کان 2 ڪلو ميٽر اتر ۾ هڪ واريءَ جي ڊرينهن تي آهي جيڪا زميني سطح کان 4 ميٽر اوچي آهي. هي دڙو 29°15\'58.9\" ڊگريون اکر ويڪرائي ڦاڪ 76°20\'49.9\" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي هريانه صوبي جي شهر/ڳوٺ انوپ ڳڙهه ۾ پراڻي مينار کان 500 ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. ماڳ جو وڏو حصو پوکائي هيٺ اچي چڪو آهي. جڏهن باقيات 2.5 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهن. هتان سنڌو تهذيب جي اوج واري دؤر (Calture Harappan period) جا نوادرات مليا آهن. ٿانون ۾ ڳنائين ٿالهي (Dish.on.stand) جنهن جي منهن جا ڪنا ٻاهر نڪتل آهن. هڪ ڪَنو، ڪنهن ٿانون جو پاسو، پيالا، پاٽيون ۽ ٻيو ٺڪر جو سامان مليو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو